正在加载视频...

视频加载失败

انڌير نه ٿيو هوندو اهڙو جو هِتي آهي، حق چوڻ تي ڦاهي آ، حق گُهر ته قيامت آ!! #SindhBleeds #SakrandBleeds

13,047 次观看 • 2 年前 •via X (Twitter)

5 条评论

JAAN MARFANI 的头像
JAAN MARFANI2 年前

Zabardast zindabad

Ayaz Memon 的头像
Ayaz Memon2 年前

جب رینجرز نے آن دی رکارڈ اپنے نام سے پریس رلیز چلا کر ماڑی جلبانی کے مقتولوں کے قتل کی ذمہ داری قبول کی ہے تو ایف آئی آر نامعلوم افراد پر کیوں ؟

Jameel Khawaja 的头像
Jameel Khawaja2 年前

سچ چيو آهي

Ahsan Kazi 的头像
Ahsan Kazi2 年前

kamal

Aasifa Laghari 的头像
Aasifa Laghari2 年前

قومي سلام

相关视频

اسان جو سڄو صوبو وڪري لاءِ آهي. اسان جون نديون، اسان جا جانور، اسان جا ماڻهو، اسان جا جبل اسان کان کسيا پيا وڃن. ڪنهن لاء پيو ٿئي اھو؟ يقيناً توهان لاءِ نه! ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر، کيرٿر، ڪاٿمٺور ۽ ڪارونجھر، اروڙ کان آمري ۽ اُ ڏيري لعل تائين، اسان کي هر شيءِ کان محروم ڪيو پيو وڃي. پاڪستان موسمياتي تبديليءَ خلاف جنگ ۾ اڳڀرو ناهي، جيئن اسان جا سينيٽر توهان کي ٻڌائيندا. پاڪستان پنهنجي عوام ۽ ماحوليات خلاف جنگ ۾ آهي. اسان ملڪ سان چڱو نه پيا ڪيون حالت اھا آ جو ھر ڪو پاڪستان مان فرار پيو چاھي. اسان جو درياهه مري رهيو آهي ۽ ڪو به ڊيم ان کي محفوظ نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن توهان پنجاب ۾ وڌيڪ پاڻي ڏسڻ چاهيو ٿا ته پو توهان کي سنڌوءَ کي سمنڊ تائين رستو ڏيڻو پوندو. اهو بنھ قدرتي آهي. اهو خدا جو مقرر ڪيل حڪم آهي. اها ئي سائنس آهي. جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته توهان پنهنجي آبادي جو 80 سيڪڙو بکيو مارائيندئو. موسمياتي تبديليءَ جي خلاف جنگ بي معنيٰ تقريرون خط پٽ لکڻ ناھ. اسانکي اختلاف وساري متحد ٿيڻو پوندو. توهان کي اسانکي فضول قسم جا فرق وسارڻا پوندا. توھان جو ڇا وڃي ته پاڙي وارو ٽرانس، گي، سڌو، ٻکيل، هندو، مسلمان، عيسائي، پارسي، سک، سني، شيعو، سنڌي، شيدي، بلوچ، هزاره، بلتي، مرد، عورت آهي. امير آ يا غريب آخرڪار توهان چڱايون سوچو چڱايون ڪيو. گھيري ھيٺ آيل اسان جي وجود جي بقا جي هن جنگ ۾ اسانکي چوڪس رھڻو پوندو. پنھنجا مامرا شريفن، پٺاڻن، ملن ۽ يقيناً وردي وارن جي آسري اميد تي نه ٿا رکي سگھجن. ھا اسان کي اسان اسانجي بقا جي جنگ هارين، ڪسان، مزدورن، ميربحرن، ملاحن، ڀيلن، باگڙين، ڪولهين، ميگهواڙن، فقيرن، خواجاسرن، هيجرن جي نيڻن ۾ ملندي. توهان اسان جو انقلاب ھنن جي جھنڊ ميڙن ۾ ھنن جي اکين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو! جيئي سنڌ جيئي عوام!

gypsy

13,680 次观看 • 3 年前